راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جي سياسي تاريخ هڪ نئون رخ اختيار ڪرڻ واري آهي.پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي راولپنڊي ۾ حقيقي آزادي مارچ ۾ خطاب دوران ن ليگ جي سربراهه سان مخاطب ٿيندي چيو ته نواز شريف اقتدار جو شوق توهان کي هوندو پر عمران خان کي عوام جي اقتدار گھرجي.پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته عمران خان جان تري تي رکي وزير آباد پهتو ۽ اڄ راولپنڊي به پهچندو، عمران خان چوي پيو سندس منزل اقتدار نه حقيقي آزادي آهي.هن چيو ته پاڪستان جي سياسي تاريخ هڪ نئون رخ اختيار ڪرڻ واري آهي، اڄ عمران خان ۽ قوم کي به وڏو فيصلو ڪرڻو آهي.شاهه محمود قريشي وزيراعظم سان مخاطب ٿيندي چيو ته عمران خان حقيقي آزادي گھري ٿو کيس اقتدار جو ڪو شوق ناهي، شهباز شريف توهان ڪرسي سان چنبڙيل رهو پر قوم عمران خان سان گڏ آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته هي ماڻهو ملڪ کي ڪهڙي هنڌ وٺي آيا آهن، هي چون پيا معيشت تباهه ٿئي پئي ته ٿي وڃي اقتدار ۾ رهڻو آهي، هي ملڪ بدران پنهنجي سياست ۽ اقتدار جو فڪر پيا ڪن.هن جو چوڻ هو ته اڄ هڪ اهم موقعو آهي، اڄ قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪرسي جي لالچ کي اختيار ڪرڻو آهي يا قوم کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو آهي.شاهه محمود قريشي جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيستائين قوم عمران خان سان گڏ آهي توهان جا سمورا عزم مٽي ۾ ملي ويندا.










