اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت نئين آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي مقرري جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل گزٽ نوٽيفڪيشن موجب سحر شمشاد مرزا جي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي مقرري 27 نومبر کان لاڳو ٿيندي.گزيٽيڊ نوٽيفڪيشن موجب ساحر شمشاد مرزا کي ٽن سالن لاءِ چيئرمين جوائنٽ چيفس مقرر ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب سيد عاصم منير جي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري 29 نومبر کان لاڳو ٿيندي، جڏهن ته جنرل عاصم منير کي به ٽن سالن لاءِ آرمي چيف مقرر ڪيو ويو آهي.جنرل سيد عاصم منير 29 نومبر تي 17هين آرمي چيف طور ڪمان سنڀاليندو.ان کان علاوه وفاقي حڪومت آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل نديم رضا جي رٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 29 نومبر تي رٽائر ٿي ويندو ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل نديم رضا 27 نومبر تي رٽائر ٿي ويندو.










