مشهور اسٽيج ۽ ٽي وي فنڪار اسماعيل تارا لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مشهور اسٽيج ۽ ٽي وي فنڪار اسماعيل تارا لاڏاڻو ڪري ويو اسماعيل تارا ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. اسماعيل تارا ڪيترن ئي ڊرامن، فلمن ۽ ٿيٽرن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيا سندس مشهور مزاحيه شوز ۾ ’ففٽي ففٽي‘ سڀ کان نمايان آهي. کيس بهترين مزاح نگار لاءِ ڪيترائي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا اسماعيل تارا جي گهرڀاتين تصديق ڪئي آهي ته هو ٽن ڏينهن کان خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، اسماعيل تارا جا گردا ناڪاره ٿي ويا، اسماعيل تارا کي اڄ صبح وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو ھو

پهنجو تبصرو موڪليو