ميگا ڪرپشن ۾ سکر کان حيدرآباد تائين شفاف انڪوائري ٿيڻ گهرجي:مخدوم جميل

مٽياري(ڊ ر) مٽياري ميگا ڪرپشن اسڪينڊل صرف مٽياري جو اشو نه آهي سڀني ضلعن جو اشو آهي. ميگا ڪرپشن ۾ سکر کان حيدرآباد تائين شفاف انڪوائري ٿيڻ گهرجي آئون نه ڪنهن جي بليڪ ميلنگ ۾ ايندس نه ڪنهن کي بليڪ ميل ڪندس پارٽي ۾ رهي ڪري سڌا ٿئي سياست ڪريو اسان توهان سان گڏ آهيون بليڪ ملينگ واري سياست نه ڪيو. آئون ڪالھ به پيلز پارٽي سان گڏ هئس اڄ به گڏ آهيان پيلز پارٽي عوامي پارٽي آهي.ايم اين اي مخدوم جميل الزمان تفصيل موجب مٽياري ويجهو اڏيرو لعل ۾ سيد ممتاز علي شاھ جي رهائش گاه ته سروري جماعت جو روحاني پيشوا پ پ پ جي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان چيو ته سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت هوندي به مٽياري ضلعو ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهي وفاق اسان جي ڪا به نٿو هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مٽياري ميگا ڪرپشن اسڪينڊل صرف مٽياري جو اشو نه آهي سڀني ضلعن جو اشو آهي. ميگا ڪرپشن ۾ سکر کان حيدرآباد تائين شفاف انڪوائري ٿيڻ گهرجي. مٽياري تعلقي جي چئن يونين ڪائونسلن ۾ اڃان تائين پاڻي جي نيڪالي نه ٿيڻ جي سوال جي جواب ۾ مخدوم جميل الزمان چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته وزير اعظم شهباز شريف مٽياري ضلعي ۾ اچي ۽ هتي جي صورتحال ڏسي ۽ اسان کي وفاق طرفان مدد ڪري. بلدياتي چونڊو پندرهن جنوري تي ئي ٿيڻ گهرجن انشا الله وفاق کان مدد وٺي ضلعي مٽياري ۾ ڪيترائي ترڪياتي ڪم ڪرائينداسون .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو