عمران جو امتحان آهي ته ادارن کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو يا تڪراري: آصف

اسلام آباد(بيورو روپورٽ)بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جي مقرري بابت مشورو صدر عارف علوي ڏانهن ويو آهي.وزيراعظم شهباز شريف ڪيفي جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ آرمي چيف لاءِ ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير ۽ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين لاءِ ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا جي نالن جي منظوري ڏني وئي.وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف جي سمري صدر ڏانهن موڪلي وئي آهي.ان حوالي سان بچاءَ واري وزير خواجا آصف سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته مشورو صدر عارف علوي ڏانهن ويو آهي، هاڻي عمران خان جو امتحان آهي ته هو قومي دفاع جي اداري کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو يا تڪراري آهي.خواجا آصف وڌيڪ لکيو ته صدر عارف علوي جو به امتحان آهي ته هو سياسي مشوري تي عمل ڪندو يا آئيني ۽ قانوني مشورو تي عمل ڪندو.وفاقي وزير پنهنجي سوشل ميڊيا بيان ۾ اهو به لکيو ته فورسز جي سپريم ڪمانڊر جي حيثيت سان اداري کي سياسي ڇڪتاڻ کان بچائڻ سندس فرض آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو