آزاد ڪشمير ۾ دهشتگردن جي لانچنگ پيڊ بابت ڀارتي فوج جي دعويٰ ڪوڙي آهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج هڪ سينيئر ڀارتي فوجي آفيسر طرفان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ دهشتگردن لاءِ لانچ پيڊ ٺاهڻ واري دعويٰ کي بي بنياد قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آزاد ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڀارتي فوج جي سينيئر آفيسر جو بيان بي بنياد آهي، آزاد ڪشمير ۾ نام نهاد دهشتگردن جي لانچ پيڊ جي دعويٰ من گھڙت آهي، هي بيان پاڪستان جو پروپئگنڊا آهي. هندستاني هٿياربند فوج، اها سوچ جو مظهر آهي.آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ حق خوداراديت جي جدوجهد کي ڪچلڻ ۾ مصروف آهي، ڀارتي فوج معصوم ۽ بيگناهه ڪشميرين تي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهڙا بي بنياد بيان ڏئي رهي آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد تحت خودمختياري جو حق ڪشميرين جو بنيادي حق آهي.آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پرعزم آهي ۽ ڪنهن به قسم جي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي موجب ڀارتي فوج پنهنجي سياسي آقائن جي چونڊ مهم لاءِ غير ذميواراڻو بيان بازي ڪري رهي آهي، ڀارتي فوج کي غير ذميواراڻي ۽ جارحاڻي بيان بازي کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو