اسلام آباد ۾ ايڇ آءِ وي پکڙجڻ لڳو، نوجوان هم جنس پرست مرد وارا ماڻهو شامل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ايڇ آءِ وي جي ڦهلاءَ جي شرح خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي.صحت واري وفاقي وزارت جي آفيسرن موجب راڄڌاني ۾ جنوري کان آڪٽوبر تائين ايڇ آءِ وي/ايڊز جا 519 مثبت ڪيس سامهون آيا آهن، جن ۾ اڪثر نوان ڪيس نوجوان مرد، هم جنس پرست ۽ ٽرانسجينڊر آهن.اختيارين موجب اسلام آباد ۾ ڪجهه سالن کان نوجوان هم جنس پرستن ۾ ايڇ آءِ وي تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، مريضن جي وڌندڙ انگ کي ڏسندي پولي ڪلينڪ اسلام آباد ۾ ايڇ آءِ وي جي علاج جو نئون مرڪز ٺاهي رهيو آهي.پمز ايڇ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر نائلا بشير ٻڌايو ته پمز ۾ 4500 کان وڌيڪ ايڇ آءِ وي جا مريض رجسٽرڊ آهن، ڪورونا جي ڏينهن کان وٺي هم جنس پرست مرد ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا آهن، ايڇ آءِ وي تيزي سان پکڙجي رهيو آهي.نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام موجب اسلام آباد ۾ هلندڙ سال ايڇ آءِ وي جا 496 نوان ڪيس داخل ٿيا آهن، نوجوان پنهنجو ٽيسٽ ڪرائي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ شرح وڌي رهي آهي.نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام جو چوڻ آهي ته هو ايڇ آءِ وي جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ هنگامي قدم کڻي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو