اسٽيبلشمينٽ غير جانبدار رهي ته پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي طاقت ختم ٿي ويندي: سراج الحق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)امير جماعت اسلامي سراج الحق فوج جي سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي.هڪ بيان ۾ سراج الحق چيو ته فوج جو سياست ۾ عدم مداخلت جو اعلان خوش آئند آهي. امير جماعت اسلامي چيو ته اسٽيبلشمينٽ غير جانبدار رهي ته پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي طاقت ختم ٿي ويندي.هن وڌيڪ چيو ته توشه خاني جي ڦرلٽ ۾ سڀ ملوث آهن، ڪنهن گاڏي ورتي، ڪنهن هار ۽ واچ ورتي، پاڪستان ۾ وسيلن جو نه پر برابري جي ورڇ جو مسئلو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو