ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشرا خان جي دوست فرح خان ۽ شهزاد اڪبر جي ريڊ وارنٽ جو مطالبو پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو ويو.ٺهراءُ مسلم ليگ ن جي ميمبر سميرا ڪومل جمع ڪرايو آهي.قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سعودي ولي عهد طرفان تحفي ۾ گھڑی وڪرو ڪري رياست جو مذاق اڏايو ويو، عمران خان ۽ بشرا بي بي کي ڏنل قيمتي تحفا رياست جي ملڪيت هئا.متن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان قيمتي تحفا وڪرو ڪري وزيراعظم جي عهدي جي توهين ڪئي آهي.قرارداد ۾ وفاقي حڪومت کان فرح خان ۽ شهزاد اڪبر جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.










