ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت شگر ملز کي ڪمند جي ڪرشنگ جي حتمي تاريخ 29 نومبر ڏني آهي.زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ موجب سنڌ ۾ هر سال 30 نومبر تائين ڪرشنگ جي شروعات ٿيندي آهي پر ڪجهه شگر ملز هاڻ کان ڪرشنگ شروع ڪري ڇڏي آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ هلندڙ سال 30 شگر ملون ڪرشنگ ڪنديون، صوبي ۾ ڪمند جي في مڻ امدادي قيمت 250 رپيا آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ ڪرشنگ شروع ٿيڻ ۽ ريٽ طئي ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ امدادي قيمت جو جائزو وٺنداسين.










