ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جي ڪيس ۾ ڌر بنجڻ جي ايم ڪيو ايم جي فوري ٻڌڻي لاءِ داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي.ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير جي حوالي سان ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وڪيلن کي مايوسي جو منهن ڏيڻو پيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جي ڪيس ۾ ڌر بنجڻ جي ايم ڪيو ايم جي فوري ٻڌڻي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم جي وڪيل ايڊووڪيٽ طارق منصور عدالت کي ٻڌايو ته جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جي ڪيس ۾ ڌر بنجڻ چاهيون ٿا. اڄ ڪيس جي تاريخ آهي اسان کي به ڌر بنجڻ جي اجازت ڏني وڃي.عدالت ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته اوهان جي درخواست داخل ٿي وئي آهي. روٽين ۾ اچي وڃي ته ان کي به ڏسنداسين جنهن کان پوءِ عدالت ايم ڪيو ايم جي ڌر بنجڻ لاءِ فوري ٻڌڻي واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.










