ميلبورن (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان 20 اوورز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 137 رنز ٺاهي سگهيو. انگلينڊ 138 جي ٽارگيٽ آساني سان حاصل ڪري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل کٽي ورلڊ چيمپئن بڻجي ويو.
What a final! England are two-time T20 World Cup champions! ????#PAKvENG | #T20WorldCupFinal
— ESPNcricinfo (@ESPNcricinfo) November 13, 2022
سيم ڪرن کي پليئر آف دي ميچ جو اعزاز مليو جنهن 4 اوورز ۾ 12 رنز ڏئي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، پليئر آف دي ٽورنامنٽ جو اعزاز به هن کي ئي مليو. هڪ موقعي تي پاڪستان ميچ ۾ واپس اچي ويوهو پر معين علي ۽ بين اسٽوڪس اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. انگلينڊ جي فتح آسان بڻائي ۽ 12 بالن تي انگلينڊ کي 7 رنز گهربل هيون ته محمد وسيم معين علي کي بولڊ ڪري ڇڏيو پر انگلينڊ هڪ اوور باقي هو ته 5 وڪيٽن تان پاڪستان کي شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي. معين علي ٽن چوڪن جي مدد سان 13 بالن تي 19 رنز اسڪور ڪيون. بين استوڪس 49 بالن تي 52 رنز اسڪور ڪري ناٽ آئوٽ رهيو، هن هڪ ڇڪو ۽ پنج چوڪا هنيا. ان کان اڳ انگلينڊ بيٽنگ شروع ڪئي ته ايلڪس هيلز پهرين اوور ۾ هڪ رن ٺاهي شاهين آفريدي جو شڪار بڻيو۽ بولڊ ٿي ويو. 32 جي مجموعي اسڪور تي فل سالٽ حارث رئوف جي بال تي افتخار هٿان 10 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو. انگلينڊ جي ٽئين وڪيٽ 45 جي مجموعي اسڪور تي جوز بٽلر جي ڪري جنهن هڪ ڇڪي ۽ ٽن چوڪن جي مدد سان 17 بالن تي 26 رنز ٺاهيون ۽ حارث رئوف جي بال تي رضوان ڪٿان ڪيچ ٿيو.هيري بروڪس 84 جي مجموعي اسڪور تي 20 رنز ٺاه شاداب جي بال تي شاهين هٿان ڪيچ ٿيو ۽ انگليند جو آخري آئوٽ ٿيندڙراندي3گر معين علي هو. هڪ موقعي تي انگلينڊ 13 اوورز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 87 رنز ٺاهيون ته ميچ ڪافي ڦاسي پئي پر بين اسٽوڪس همت نه هاري. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيو ويو. انگلينڊ جي ڪپتان جوز بٽلر پاڪستان کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڪابه تبديلي ناهي ڪئي وئي. محمد رضوان پنجين اوور ۾ هڪ ڇڪو هڻي 29 جي مجموعي اسڪور تي 14 بالن تي 15 رنز ٺاهي انگلينڊ جو پهريون شڪار بڻيو. سيم ڪرن کيس بولڊ ڪيو. 45 جي مجموعي اسڪور تي ون ڊائون محمد حارث هڪ چوڪي جي مدد سان 12 بالن تي 8 رنز ٺاهي عادل رشيد جي بال تي بين اسٽوڪس هٿان ڪيچ ٿيو. ٻارهين اوور ۾ ڪپتان بابر اعظم ٻن چوڪن جي مدد سان 28 بالن تي 32 رنز ٺاهي عادل جي بال تي بولر هٿان ڪيچ ٿيو. 85 جي اسڪور تي افتخاربنا رن ٺاهي بين اسٽوڪس جي بال تي جوز بٽلي هٿان ڪيچ ٿيو. 17هين اوور ۾ 121 جي مجموعي اسڪور تي شان مسعود سيم ڪرن جي بال تي ليونگ اسٽون هٿان ڪيچ ٿيو، هن هڪ ڇڪي ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 28 بالن تي 38 رنز اسڪور ڪيون. 123 جي3 مجموعي اسڪور تي ساداب خان ڪرس جورڊن جي بال تي ووڪس هٿان 14 بالن تي 20 رنز ڍاهي آئوٽ ٿيو. 19 هين اوور ۾ محمد نواز ۽ 20 هين اوور ۾ محمد وسيم به سنگل ڊجٽ اسڪوري ڪري واپس موٽيا ۽ پاڪستان 20 اوورن ۾ 137 رنز ٺاهي سگهيو.










