ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ شادي جي 4 مهينن کانپوءِ زال مڙس کي ڦر ڪري فرار ٿي وئي، عورت خلاف چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو.ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار 4 مهينا اڳ ڪاظم سان شادي ڪئي هئي، فاطمه جي والد 20 لک رپيا ورتا.ڪيس جي متن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جوابدار گهر مان 18 تولا سون ۽ 21 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جوابدار فاطمه مدعي ڪاظم سان شادي ڪئي آهي.مدعي جي وڪيل چيو ته جوابدار فاطمه خلاف ڪيس مڙس طرفان داخل ڪرايو ويو آهي، عدالت جي حڪم تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي ڦر جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ضمانت تي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار تي پهرين مڙس جي چاچي کي ساٿين سان گڏجي ڦر ڪرڻ جو الزام آهي، پهرين مڙس خلاف فيروز آباد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو هو.










