ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي فيڊرل بي ايريا ۾ چيني ڪانٽريڪٽر جي لاڪر مان پئسا چوري ڪندڙ آفيس بواءِ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.يوسف پلازه پوليس 24 ڪلاڪن اندر لاڪر مان 5 لک 45 هزار چوري ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب جوابدار چيني ڪانٽريڪٽر جي آفيس بواءِ گذريل 3 مهينن کان ڪم ڪري رهيو هو ۽ ڪمري جي هڪ چاٻي آفيس بواءِ وٽ هئي جڏهن ته ٻه وڌيڪ چاٻيون ٻن چيني شهرين وٽ هيون.پوليس جو چوڻ آهي ته ڪمري جي ڊجيٽل لاڪر ۾ 10 لک کان وڌيڪ رقم رکيل هئي، جنهن جو پاسورڊ رڳو چيني شهري وٽ هو.سخت شڪ تي پوليس آفيس بواءِ محمد محسن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ هن حقيقت بيان ڪئي.جوابدار انڪشاف ڪيو ته وٽس آفيس جي چاٻي هئي، صبح جو جڏهن هو صفائي ڪرڻ آيو ته ڊجيٽل لاڪر کليل هو، جوابدار احتياط سان 5 لک 45 هزار روڪ ڪڍي لاڪر بند ڪري هليو ويو.پوليس جوابدار محسن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.










