آزادي جي خواهش کي گهڻي دير تائين دٻائي نٿو سگهجي: وزيراعظم

آزادي جي خواهش کي گهڻي دير تائين دٻائي نٿو سگهجي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ڪارو ڏينهن جي موقعي تي چيو آهي ته 27 آڪٽوبر ڪشميرين جي حوصلي ۽ عزم کي ظاهر ڪرڻ جو ڏينهن آهي، آزادي جي خواهش کي گهڻي دير تائين دٻائي نٿو سگهجي.وزيراعظم شهباز شريف ڪارو ڏينهن جي موقعي تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پيغام جاري ڪيو آهي.سوشل ميڊيا تي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪشمير تي ڀارت جي جبري قبضي خلاف 27 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڪشمير تي غيرقانوني ۽ غير اخلاقي قبضو ڪيو هو.شهباز شريف چيو آهي ته 27 آڪٽوبر ڪشميرين جي حوصلي ۽ عزم جو ڏينهن آهي، ڪشميري 75 سالن کان قابض ڀارتي فوج خلاف بيٺا آهن، اڄ پاڪستاني عوام ڪشميرين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪري ٿو.وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته پاڪستاني ڪشميرين جي انصاف واري جدوجهد ۾ ان سان گڏ بيهڻ لاءِ پرعزم آهن، دنيا والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي اکيون بند نه ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو