ٽنڊو غلام حيدر ( ن س) ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان ڳوٺ وسو خان لغاري ديه ماهي لغاري ۾ روينيو عملي ٽنڊو غلام حيدر جي مبينا زيادتين خلاف ڳوٺاڻن اسلم لغاري؛ الهجڙيو؛ اشرف؛ رزاق؛ حسين لغاري؛ ۽ ٻين الزام هڻندي احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي سروي زمين جا کاتا بااثرن جي چرچ تي روينيو عملي بدلي ڪري فراڊ ڪري آفيسرن بااثرن ماڻھن کان ڳري رشوت وٺي کاتا بدلي ڪيا ويا آھن اسان غريب مسڪين آھيون اسان سان وڏي ناانصافي ڪئي وئي آھي هنن چيف جسٽس آف پاڪستان هاء ڪورٽ سنڌ سميت اعلا اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته ٽنڊو غلام حيدر روينيو عملي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان غريبن سان انصاف ڪيو وڃي










