ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ ڊالر 220.84 روپيا تي بند ٿيو هو.ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن اڄ سومر ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ 16 پئسا مهانگو ٿي ويو.انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي مقابلي ۾ هڪ ڊالر جو اگهه 221 رپيا ٿي ويو آهي.










