جمهوريت لاءِ خاندان جي قرباني ڏيندڙ بيگم نصرت ڀٽو جي اڄ يارنهن هين ورسي

جمهوريت لاءِ خاندان جي قرباني ڏيندڙ بيگم نصرت ڀٽو جي اڄ يارنهن هين ورسي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي اڳوڻي چيئرپرسن مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي اڄ يارنهن هين ورسي ملهائي پئي وڃي، بيگم نصرت ڀٽو عوامي حقن ۽ جمهوريت جي بحاليءَ خاطر پنهنجي ور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ٻن نوجوان پٽن مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو جي وڇوڙن جا صَدما پنهنجي حياتي ۾ برداشت ڪيا.ھوءَ بعد مسلسل ڪوما ۾ رهي ۽ 23 آڪٽوبر 2011 تي زندگي جي جنگ هارائي وئي، کيس مادر جمهوريت جو لقب پڻ ڏنو ويو، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ورسي موقعي تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو ملڪ، عوام ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد جو مثال هئي.بيگم نصرت جون جمهوريت لاءِ وڏيون قربان آهن، بيگم نصرت ڀٽو جي ياد ۾ نئين ديري هائوس تي پ پ پاران ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني ڪرائي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو