اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ

اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي مقامي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج راجا آصف سينيٽر اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر پنهنجي دليلن ۾ چيو ته اعظم سواتي ٽوئيٽ ذريعي آرمي چيف خلاف نفرت انگيز بيان ڏنو ۽ فوج ۾ بغاوت ڪئي. ٽوئيٽس ذريعي ڪوشش ڪئي.ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر چيو ته اعظم سواتي ڪجهه جوابدارن جي بريت جو الزام آرمي چيف تي لڳايو، عدالتي فيصلي سان آرمي چيف جو ڪهڙو تعلق آهي؟ هن عوامي فورم تي آرمي چيف ۽ ادارن خلاف اشتعال انگيز بيان ڏنا، جڏهن ته اعظم سواتي به جاچ دوران ٽوئيٽس جو اعتراف ڪري چڪو آهي.ان دوران اعظم سواتي جي وڪيل بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته سندس موکل ٽوئيٽ ڪري اظهار راءِ جي آزادي جو آئيني حق استعمال ڪيو، اعظم سواتي کي حراست دوران تشدد ۽ توهين جو نشانو بڻايو ويو، ڇا اعظم سواتي جي ٽوئيٽ کانپوءِ فوج ۾ بغاوت ٿي وئي؟ صوبيدار ڀڄي ويو يا ڪپتان استعيفيٰ ڏني؟ عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اعظم سوتي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو سڀاڻي ٻڌايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو