نوشھرو فيروز (ن س)دريا خان مري لڳ مصرجي واھ ۾ تشدد ڪري بيدردي سان قتل ڪيل معصوم نينگري زينب بيبي جي قتل جو ڪيس سندس چاچي سيد فرحان علي شاھ جي فرياد تي جوابدار سيد سبب علي شاھ ۽ ٻن اڻڄاتل جوابدارن خلاف گناھ نمبر 148/2022 دريا خان مري ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو گذريل ڏينھن درگاھ سيد يعقوب شاھ بخاري جي گادي نشين سيد نور محمد شاھ لڪياري جي معصوم نياڻي زينب بيبي کي جوابدارن اغوا ڪرڻ بعد تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو قتل ڪيس ۾ فريادي اھيو موقف اختيار ڪيو آھي ته جوابدار سبب علي شاھ منھنجو ڀيڻويو ٿئي ڪجھ ٽائيم کان گھرو انبڻت تان مونسان ۽ منھنجي ڀاء سيد نور محمد شاھ سان ناراض ھيو ۽ جوابدار اسان کي ڌمڪيون ڏيندو ھيو ته اوھان کي نقصان رسائيندس ۽ منھنجي ڀائيٽي زينب بيبي کي قتل جي ارادي سان اغوا ڪري ان کي تشدد کي ماري ڇڏيوپوليس بروقت ڪاروائي ڪندي مک جوابدار سيد سبب علي شاھ کي گرفتار ڪري ورتو ھيو










