ڪي اليڪٽرڪ جا انگل آرا هاڻ برداشت نه ڪنداسين: امتياز شيخ

ڪي اليڪٽرڪ جا انگل آرا هاڻ برداشت نه ڪنداسين: امتياز شيخ

ڪراچي (رپورٽر) توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جا انگل هاڻ وڌيڪ برداشت نه ڪيا ويندا. امتياز شيخ سان ڪي اليڪٽرڪ جي اعليٰ اختيارين ملاقات ڪئي جنهن دوران صوبائي وزير ملازمن جي جبري برطرفين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته جبري برطرف ڪيل ملازمن جون رهتون فوري طور ادا ڪيون وڃن. ڪي اليڪٽرڪ عملدارن چيو ته ملازمن جي برطرفين تي حڪومت جا خدشا ختم ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ويندي. امتياز شيخ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ خلاف واهپيدارن ۽ ملازمن جي شڪايتن ۾ واڌ برداشت جوڳي ناهي، ڪي اليڪٽرڪ جا انگل هاڻ وڌيڪ برداشت نه ڪيا ويندا. هن چيو ته جبري برطرفين سبب بيروزگار ۽ معاشي مسئلن ۾ واڌ ٿي رهي آهي تنهنڪري برطرفين جو سلسلو فوري طور بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ معاملو وفاق ۽ وزيراعظم آڏو اُٿاريو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو