واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ شول پاڪستاني سفير مسعود خان سان ملاقات ڪئي.ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائي سگهجي ٿو.هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا تعاون خطي ۽ عوام لاءِ فائديمند آهي، ٻنهي ملڪن کي صحت، زراعت، تعليم ۽ توانائي جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر ڪرڻ گهرجن.










