ننڍي چونڊ، ملير ۾ جهيڙو، پي ٽي آءِ جو ايم پي اي زخمي

ننڍي چونڊ، ملير ۾ جهيڙو، پي ٽي آءِ جو ايم پي اي زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ضمني چونڊن دوران ملير ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبر ۽ پي ٽي آءِ ڪراچي جي صدر بلال غفار جي نڪ جي هڏي ڀڄي وئي.پي ٽي آءِ اڳواڻ جمال صديقي الزام مڙهيو آهي ته ملير بکرا پيڊيا ۾ پ پ ايم پي اي سليم بلوچ جي ساٿين مٿس حملو ڪيو، تشدد سبب ايم پي اي بلال غفار جي نڪ جي هڏي ڀڄي وئي.جمال صديقي جو چوڻ هو ته بلال غفار ملير بڪيرا پيڊ وٽ پولنگ اسٽيشن جو معائنو ڪرڻ ويو هو ته پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ 2 درجن کان وڌيڪ ماڻهن مٿس پٿراءُ ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو.پي ٽي آءِ ترجمان به حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته صدر تحريڪ انصاف ڪراچي بلال غفار تي ملير ۾ حملو ڪيو ويو، بلال غفار کي ملير جي غازي گوڙ ۾ تشدد ڪيو ويو، بلال غفار کي ويجهي اسپتال ۾ ابتدائي طبي امداد ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو