والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ختم ٿيڻ تائين امن قائم نٿو ٿي سگهي: وزيراعظم

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ختم ٿيڻ تائين امن قائم نٿو ٿي سگهي: وزيراعظم

آستانا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ختم ٿيڻ تائين امن قائم نه ٿيندو. قازقستان ۾ ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتماد سازي جي قدمن بابت سيڪا سربراهي اجلاس سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اجلاس سان خطاب فخر جي ڳالهه آهي، پاڪستان سيڪا پليٽ فارم کي وڏي اهميت ڏئي ٿو ۽ قازقستان جي ليڊرشپ جو قدر ڪري ٿو. هن چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان جو وڏو نقصان ٿيو، ٻڏل علائقا سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، ماڻهن جو سڀ ڪجهه وڃائجي ويو، متاثرن جو انگ ڪجهه ملڪن جي مجموعي آبادي کان به وڌيڪ آهي، پاڪستاني معيشت کي 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان پهتو، هزارين ڪلو ميٽرن تي روڊ ۽ انفرا اسٽرڪچر تباهه ٿي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جي پهرين ترجيح معيشت جي بحالي آهي، جڏهن ته ٻوڏ جي صورتحال ۾ امداد تي عالمي برادري جا ٿورا مڃون ٿا. وزيراعظم چيو ته جمهوريت جو دعويدار ڀارت والاريل ڪشمير ۾ فوجي طاقت جو استعمال ڪري رهيو آهي، ڀارت ڏاڍ ذريعي ڪشميرين جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ختم ٿيڻ تائين امن قائم نٿو ٿي سگهي. شهباز شريف چيو ته اسان ڀارت سان بامقصد ڳالهين جي اميد رکون ٿا، پاڪستان پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ پرامن فضا جو خواهشمند آهي، اهو ڀارت تي ٿو ڀاڙي ته اهو اهو بامقصد ڳالهين سان ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ ڪردار ادا ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو