رضوان بدران مين في دي ميچ جو اعزاز نواز کي ملڻ گهرجي ها

رضوان بدران مين في دي ميچ جو اعزاز نواز کي ملڻ گهرجي ها

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ٽن ملڪن واري ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ڇهين ميچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، جڏهن ته آل رائونڊر محمد نواز 20 بالن تي 45 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. محمد نواز جي اننگز ۾ 5 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو شامل هو، هن 225 جي اسٽرائڪ ريٽ سان شاندار اننگز کيڏي. جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان 123 جي اسٽرائڪ ريٽ سان 56 بالن تي 69 رنسون ٺاهيون ۽ ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ٽوئٽر تي صارفين نواز جي اننگ تي تبصرو ڪندي چيو ته نواز کي مين آف دي ميچ محمد رضوان جي جاءِ تي ملڻ گهرجي ها، سندن چوڻ آهي ته محمد نواز هڪ ميچ ونر آهي جيڪو هميشه پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي مشڪل وقت مان ڪڍندو آهي. نواز فاسٽ اننگ نه کيڏي ها ته رضوان ميچ بڄائي نه سگهي ها. رضوان پاڻ به ان ڳالهه جو بار بار اعتراف ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو