يوڪرين جنگ بندي، ترڪ صدر سرگرم ٿي ويو

يوڪرين جنگ بندي، ترڪ صدر سرگرم ٿي ويو

ماسڪو(ويب ڊيسڪ) يوڪرين ۾ جنگ بندي لاءِ ترڪ صدر رجب طيب اردگان ثالثي لاءِ قزاقستان ۾ روسي صدر ولاديمير پوتن سان ملاقات ۾ باضابطه طور تي جنگ بندي جي آڇ ڪندو. خابرو ادارن موجب روس جي پرڏيهي پاليسي جي صلاحڪار يوري يوشاڪوف ماسڪو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ترڪ اڳواڻ پنهنجي ثالثي جي آڇ ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن ڪا به ڳالهه ٻولهه ۾ پيش رفت ٿي ته ثالثي بابت وڌيڪ ڳالهيون استنبول يا انقره ۾ ٿينديون. پرڏيهي پاليسي جي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته رجب طيب اردگان خميس ڏينهن قزاقستان جي راڄڌاني آستانه ۾ ولاديمير پوتن سان ڳالهين دوران هڪ سرڪاري تجويز پيش ڪري سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو