نوجوان کي لوهي شيخن سان ڏنڀ،پوليس خاموش ،وارثن جو احتجاج

نوجوان کي لوهي شيخن سان ڏنڀ،پوليس خاموش ،وارثن جو احتجاج

اسلام ڪوٽ(ن س)اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان کي پڪڙي تشدد،لوهي شيخن سان ڏنڀ،پوليس دانهن نه ٻُڌي،وارثن جو پريس ڪلب آڏو احتجاج،خبرموجب:اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ گوڙاڻو ۾ بااثرن پاران نوجوان حافظ قران محمد حنيف لوڍو کي پڪڙي لوهي شيخن جا ڏنڀ ڏنا،دانهن جي باوجود ڪنهن کي ڪو رحم نه آيو،جنهن بعد متاثر نوجوان جا وارث تشدد ڪندڙن خلاف جهانگرو پوليس اسٽيشن تي دانهن کڻي ويا،جتي ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ او دانهن ٻُڌڻ بدران اُنهن کي واپس موٽائي ڇڏيو،اُنهي سلسلي ۾ ڳوٺاڻن پاران زخمي نوجوان سان گڏجي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي،جتي ڳوٺاڻن الهجڙيو لوڍو،امين لوڍو،ربو لوڍو،شوڪت ڀٽي،زينب ٻائي،قائمان ٻائي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ بااثر سليمان لوڍو اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي،مسلسل پنجن سالن کان هُو اسان تي حملا ڪرائيندو رهيو آهي،گذريل ڏينهن سليمان لوڍو پاران حاڪم لوڍو،مبارڪ لوڍو،حڪيم لوڍو،عثمان،فيض محمد لوڍو ۽ ٻين کي بڇ ڪري اسان جي نوجوان حافظ قران محمد حنيف لوڍو کي مسجد مان پڪڙي بعد ۾ رسن سان ٻڌي مٿس تشدد ڪرڻ سان گڏ لوهي شيخن سان ڏنڀ ڏنا آهن،جيڪي نوجوان جي جسم تي اڄ به نشان موجود آهن،سليمان لوڍو اسان جي نوجوان تي تشدد ڪيو ويو آهي،جنهن بعد زخمي جي دانهن کڻي جهانگرو ٿاڻي تي وياسين ته اُتي مقرر ٿيل ايس ايڇ او متاثر نوجوان جي امڙ کان 20 هزار گهريا،پئسا نه هئڻ بعد اسان چندو ڪري ايس ايڇ او کي 10 هزار ڏنا،ايس ايڇ او پئسا وٺڻ باوجود اسان جي دانهن ٻُڌڻ بدران اُتان لوڌي ڪڍي ڇڏيو،اسين غريب مسڪين آهيون،ڪير دانهن نه ٿو ٻُڌي،اُنهي ڪري پريس ڪلب تي آيا آهيون اسان جي حياتين کي خطرو آهي نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ۽ حافظ قران تي وحشياڻي تشدد ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو