ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ ڪينسر جا واقعا تيزي سان وڌي رهيا آهن ۽ هر سال 90 هزارن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن.سنڌ ۾ ڪينسر جا قسم ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خطرناڪ آهن جن تي دوائون بي اثر ٿي رهيون آهن.صحت جي ماهرن موجب ڇاتي جو ڪينسر پاڪستاني عورتن ۾ سڀ کان عام ۽ خطرناڪ مرض آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته غير متوازن تابڪاري اثرات، برقي مقناطيسي تابڪاري، وائرل انفيڪشن، هوا، پاڻي ۽ کاڌي جي آلودگي، فوڊ ڪيميڪل ۽ جينياتي طور تبديل ٿيل کاڌو ڪينسر جا وڏا سبب آهن.لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اينڊ هيلٿ سائنسز جي ڪينسر ريسرچ ليبارٽري پاران ڪيل تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته سنڌ ۾ گذريل 13 سالن دوران 22 هزار ڪينسر جي مريضن ۾ منہ ۽ ڇاتي جي ڪينسر جي شرح 22 کان 27 سيڪڙو آهي، جنهن تي دوائون به بي اثر ٿي رهيون آهن.










