ڪشميربابت حڪومتي فيصلي جي تائيد، ڪنهن به حد تائين وينداسين،آرمي چيف

سلام آباد (بيورو رپورٽ) فوجي قيادت ڪشمير بابت ڀارتي اپائن کي رد ڪرڻ واري حڪومتي موقف جي تائيد ڪندي چيو آهي ته اسين ڪشميري عوام سان گڏ آهيون ۽ ڪنهن به حد تائين پنهنجي ذميوراي نڀائڻ لاءِ تيار آهيون. اهڙو اظهار فور ترجمان ميجر جنرل آصف غفور ڪور آرمي چيف جي صدارت م ٿيل ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کانپوءِ جاري ڪيل ٽوئيٽ پيغام ۾ ڪيو آهي. فوجي ترجمان چيو ته ڪشمير بابت ڀارتي آئين جي شق 370 هجي يا 35 اي ان کي ڪيتريو ڏهائيون اڳ به ڪون تسليم ڪيو هو نه ئي هاڻي ڀارت پاران پاڻ انهن کي ختم ڪرڻ وارن اپائن کي تسليم ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستاني فوج ڪشميرين جي انصاف ڀري جدوجهد ۾ آخر تائين گڏ رهندي. هن ٻڌايو ته آرمي چيف چيو آهي ته اسين مڪمل طور تي تيار آهيون ۽ پنهنجي ذميواري نڀائڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وينداسين. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس دوران ڪشمير ۾ ڀارتي سرڪار جي غيرقانوني قدمن ۽ ايل او سي تي ڀارتي اڳراين جو جائزو ورتو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪور ڪمانڊز ڪانفرنس ۾ هڪ نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو