والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي، وڌيڪ 4 نوجوان شهيد

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي، وڌيڪ 4 نوجوان شهيد

شوپيان(ويب ڊيسڪ)والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري آهي ۽ قابض ڀارتي فوج وڌيڪ 4 ڪشميري نوجوانن کي فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو.ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فوج ضلعي شوپيان ۾ سرچ آپريشن جي آڙ ۾ 4 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.ڪي ايم ايس موجب ڀارتي فورسز دراچ جي علائقي ۾ 3 ۽ مولو ۾ هڪ ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو.ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فورسز جو شوپيان ۾ اڃا به سرچ آپريشن جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو