شڪارپور (ن س ) شڪارپور مان پاڻي جي نيڪال ء ربيع جي فصل جي پوکائي بابت آبادگارن ، آبپاشي ء ايگريڪلچر آفيسرن جي گڏجاڻي، شڪارپور جي برساتي پاڻي ۾ ٻڏل يوسين جو پاڻي واھن ء ڪينالن ذريعي نيڪال ڪري رھيا آھيون. پندرنھن آڪٽوبر تائين ڪئنال بند ٿيندا، زمين جي واٽر ليول ھيٺ ٿيندي. آبپاشي عملدار، شڪارپور ۾ ربيع جو فصل، ڪڻڪ، مٽرء سورج مکي ٿي سگھندا. ڊائريڪٽر ايگريڪلچر، آبادگارن کي ٻج ء ڀاڻ سبسڊي تي ڏنو وڃي ء باقي يوسيز مان پاڻي ڪڍرايو وڃي. آبادگار اڳواڻ تفصيل موجب خريف ء ربيع جي فصلن جي جائزي ء شڪارپور جي باقي يوسين مان برساتي پاڻي جي نيڪالي لاء ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ ڳالھائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر چيو ته حڪومت جي ڪوشش آھي ته باقي يوسيز مان به برساتي پاڻي جلد نيڪال ٿئي جيئن ربيع جي فصل پوکي سگھجي. ان لاء آبپاشي کاتي کي ٽاسڪ مليل آھي ته ھو ڏيڍ مھيني اندر زرعي زمينن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائين. گڏجاڻي ۾ بريفنگ ڏيندي سنڌ ڪئنال جي سپرنٽنڊنٽ انجنيئر اسد الله شيخ ٻڌايو ته خانپور، لکي تعلقي، جاڳڻ ء جھان واھ يوسيز مان واٺر ڪورسن، واھن ء ڪئنالن ذريعي زمينن ۾ جمع ٿيل پاڻي نيڪال ڪرائي رھيا آھيون ء اميد آھي ته ڏيڍ مھيني اندر پاڻي نيڪال ڪرائي وٺنداسين. ھن چيو ته پندرنھن آڪٽوبر تائين ڪئنال بند ڪياويندا جنھن بعد گرائونڊ واٽر ليول تيزي سان ھيٺ ويندي. گڏجاڻي ۾ ڳالھائيندي ڊائريڪٽر زراعت خدابخش ڪلوڙ چيو ته اميد آھي ته چاليھ کان پنجاھ فيصد پوکيل ساريالو فصل بچي ويندو جڏھم ته ربيع جي فصلن ۾ ڪڻڪ جون پاڇاٽيون جنسون، مٽر ء سورج مکي جا فصل پوکي سگھبا.گڏجاڻي ۾ ڳالھائيندي آبادگار بورڊ شڪارپور جي اڳواڻن امير بخش پھوڙ، نظير احمد مھر ء ٻين چيو ته ساريالي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آھي ء فصل نه ھئڻ جي برابر ٿيو آ ،سروي ڪرائي آبادگارن جي مدد ڪئي وڃي ء کين ربيع جي فصل لاء ڀاڻ ء ٻج ۾ سبسڊي ڏني وڃي. ھنن مطالبو ڪيو ته برساتي پاڻي جلد نيڪال ڪرايو وڃي جيئن ربيع جو فصل پوکي سگھجي.










