تاحيات نااهلي جو آرٽيڪل 62 ون ايف ڪارو قانون آهي: چيف جسٽس

تاحيات نااهلي جو آرٽيڪل 62 ون ايف ڪارو قانون آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان آرٽيڪل 621 ون ايف کي تاحيات نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊڪي جي تاحيات نااهلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف تاحيات نااهلي وارو قانون آهي، موجوده ڪيس کي غور سان ٻڌنداسين، ڪيس کي تفصيل سان ٻڌنداسين.وڪيل وسيم سجاد عدالت کي ٻڌايو ته فيصل واوڊا 2018ع ۾ اليڪشن وڙهيو، 2 سالن کانپوءِ جعلي حلف نامي تي سندس نااهلي جي درخواست هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي.ان تي چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اهو اختيار آهي ته هو غلط حلف نامن جي جاچ ڪري، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي تاحيات نااهلي جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي به حقيقتون ساڳيون رهنديون، ان ڪيس ۾ سوال اهو آهي ته ڇا؟ اليڪشن ڪميشن تاحيات نااهلي جو حڪم ڏئي سگهي ٿي يا نه،بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 6 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو