مفتاح ۽ ڊار جي بيانن آءِ ايم ايف پروگرام ۾ پيچيدگيون پيدا ڪيون: فواد

مفتاح ۽ ڊار جي بيانن آءِ ايم ايف پروگرام ۾ پيچيدگيون پيدا ڪيون: فواد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته مفتاح ۽ اسحاق ڊار جي بيانن آءِ ايم ايف پروگرام ۾ پيچيدگيون پيدا ڪيون آهن.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته حڪومت تاريخ جي سڀ کان بيوقوف ٽيم تي مشتمل آهي، اڌ ڪابينا وٽ ادارا ناهن ۽ جن وٽ کاتو آهن انهن کي پنهنجي ڪم جي اي بي سي جي به خبر ناهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جو ڊيش بورڊ نه ٺاهيو ويو آهي.هن چيو ته حڪومت جي معاشي ٽيم مڪمل مونجهاري ۾ آهي، سندن سياست دفن ٿي چڪي آهي، مفتاح ۽ اسحاق ڊار جي بيانن آءِ ايم ايف پروگرام تي پيچيدگيون پيدا ڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو