اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي 7 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني پنهنجي چيمبر ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت عمران خان کي 10 هزار جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي کيس لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ تي ٻڌڻي اڄ موڪل تي ڪري ڇڏي.عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ڊاڪٽر بابر اعواڻ ايڊووڪيٽ ذريعي گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي لاءِ بئنچ جوڙي ڇڏي…پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان داخل ڪرايل ضمانت واري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عمران خان خلاف دهشتگردي جو ڪيس ابتدائي طور تي داخل ڪيو ويو هو، هاءِ ڪورٽ دهشتگردي جي شقن کي ڪالعدم قرار ڏيندي ڪيس منتقل ڪيو.عمران خان طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس منتقل ٿيڻ بعد ضمانت به رد ڪئي وئي آهي، سياسي مخالف حڪومت ناپاڪ مقصدن لاءِ ڪوڙو ڪيس ٺاهيو آهي.درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪيس داخل ڪرڻ جو مقصد عمران خان کي گرفتار ڪري ڪرپشن مافيا خلاف پرامن تحريڪ کي روڪڻ آهي.درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي ته عمران خان جي جان ۽ آزادي کي خطرو آهي، کيس ضمانت ڏني وڃي.










