نصيرآباد (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي نصيرآباد ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.ذريعن موجب نصيرآباد ۾ نوتل نيشنل هاءِ وي تي سي ٽي ڊي جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي، دهشتگردن جي فائرنگ سبب اي ايس آءِ سميت 2 اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا، زخمي پوليس اهلڪارن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.سي ٽي ڊي ذريعن موجب پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ 4 مبينا دهشتگرد مارجي ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان 3 دستي بم، ريموٽ ڪنٽرول ڊيوائس، ڪلاشنڪوف ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.










