ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي

ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 12 رپيا 63 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، نئين قيمت 224 رپيا 80 پئسا في ليٽر ٿيندي.هن چيو ته ڊيزل جي قيمت ۾ 12 رپيا 13 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ ان جي قيمت 235 رپيا 30 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 10 رپيا 78 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي نئين قيمت لائيٽ ڊيزل جو اگهه 186 رپيا 50 پئسا في ليٽر ٿيندو.ناڻي واري وزير چيو ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 10 رپيا 19 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، نئين قيمت 191 83 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.پيٽروليم شين جي قيمتن جو اطلاق اڄ رات 12 وڳي کان ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو