ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي ضلعي دادو جي 2 ڳوٺن ۾ مليريا سبب هڪ ڇوڪري ۽ هڪ ڇوڪرو گيسٽرو سبب فوت ٿي ويو.سنڌ جي صحت کاتي موجب دادو جي علائقي ڪاڇي جي ڳوٺ بکر جمالي ۾ مليريا سبب 7 ورهين جي ٻارڙي فوت ٿي وئي.دادو جي تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ علي بخش تونيو ۾ بخار ۽ گيسٽرو سبب 3 ورهين جو ٻارڙو فوت ٿي ويو.سنڌ جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته دادو ضلعي ۾ مليريا، ڊائريا ۽ گيسٽرو سبب فوتين جو انگ 43 ٿي ويو آهي.دادو ۾ موذي مرض ۾ مبتلا مريضن جو انگ 39 هزار 394 ٿي ويو، ڊائريا ۽ گيسٽرو جي مريضن جو انگ 29 هزار 725 ٿي ويو.سنڌ جي صحت کاتي جو اهو به چوڻ آهي ته دادو ضلعي ۾ مليريا جي مثبت ۽ شڪي مريضن جو انگ 15 هزار 161 ٿي ويو آهي.










