اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي جارحاڻي بيٽسمين اعظم خان بيٽنگ کانپوءِ گٽار کي هٿ ۾ کنيو، سندس انداز به مداحن کي پسند اچي رهيو آهي.اعظم خان گلوڪار عاطف اسلم جو گانا ڳائي مداحن کي خوش ڪيو.ڪيريبين پريميئر ليگ ٽيم بارباڊوس رائلز جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان اعظم خان جي گاني جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي.اعظم خان جي آواز ۽ گٽار وڄائڻ جي صلاحيت کي هزارين ماڻهو پسند ڪري چڪا آهن.










