چيمبر آف ڪامرس جي نئين تعمير ٿيل بلڊنگ جو افتتاح

چيمبر آف ڪامرس جي نئين تعمير ٿيل بلڊنگ جو افتتاح

نواب شاھه (ن س)ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن رشيد احمد زرداري اڄ ڊي آءِ جي پوليس عرفان علي بلوچ ۽ چيمبر آف ڪامرس جي صدر صدرالدين ميمڻ سان گڏجي چيمبر آف ڪامرس جي نئين تعمير ٿيل بلڊنگ جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن رشيد احمد زرداري چيو ته ميمبر سنڌ اسيمبلي ۽ پيپلز پارٽي جي وومين ونگ جي اڳواڻ فريال ٽالپر جي پاران شھيد بينظيرآباد چيمبر آف ڪامرس جي بلڊنگ جو افتتاح ڪيو آھي ھن وڌيڪ چيو ته شهيد بينظيرآباد ڊويزن ۽ نواب شاھه شهر ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ عوام لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ چيمبر آف ڪامرس جو اهم ڪردار آهي هن وڌيڪ چيو ته چيمبر آف ڪامرس جي صدر پاران پيش ڪيل آجياڻي ۾ چيمبر پاران معاشي ۽ واپاري سرگرمين سان گڏوگڏ ڪرونا وبا، برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ کنيل قدم قابل ستائش آهن جنهن تي تمام خوشي محسوس ٿي رهي آهي اميد آهي ته چيمبر آف ڪامرس صرف واپارين جي ڀلائي لاءِ نه پر عوامي ڀلائي لاءِ پڻ پنهنجون سرگرميون جاري رکندي انهي لاءِ ڊويزنل ۽ ضلع انتظاميه پاران کين هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو ويندو ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊي آئي جي عرفان علي بلوچ چيو ته شهيد بينظيرآباد ڊويزن خاص طور تي نواب شاھه شهر ۾ ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء سيف سٽي پروجيڪٽ تحت 250 سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۽ ڊرون ٽيڪنالاجي جي ذريعي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي ته جئين ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن تي ڪڙي نظر رکندي سندن گرفتاري عمل ۾ آڻي سگهجي هن وڌيڪ چيو ته ڏوهن تي ڪنٽرول سان واپاري سرگرمين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن سان واپارين سان گڏ عوام کي پڻ سهولت ملي رهي آهي انھي موقعي تي تقريب کي خطاب روٽري ڪلب جي سنڌ بلوچستان جي گورنر سيد تھذيب ڪاظمي چيو ته شھر ۽ شھرين جي بھتري لاءِ چيمبر آف ڪامرس سان ھر ممڪن تعاون ڪيو ويندو ان موقعي تي چيمبر آف ڪامرس جي صدر صدرالدين ميمڻ، سينئير وائيس پريزيڊنٽ ديدار علي رند ۽ ٻين واپاري تنظيمن جي اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ ضلع انتظاميه جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته چيمبر آف ڪامرس شهيد بينظيرآباد کي آفيس قائم ڪرڻ لاءِ پلاٽ ڏيڻ تي سندن ٿورائتا آهيون ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڊويزنل ۽ ضلع انتظاميه ۽ پوليس پاران واپاري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ساٿ ڏيندي هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي اولين ترجيح آهي ته انتظاميه سان گڏجي ڪري سنڌ سمال انڊسٽري زون کي مڪمل طور فحال بڻايون ته جئين معاشي سرگرميون ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪري سگهجن. ان موقعي تي چيمبر آف ڪامرس جي عھديدارن پاران مھمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا ۽ اعزازي شيلڊون پڻ ڏنيون ويون ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن غلام عباس ڳوراھو، ايگزيڪيوٽو انجنيئر حيسڪو روشن اوٺو، انجنئير مير محمد سيال، انفارميشن آفيسر اعجازعلي تيوڻو،صدر پريس ڪلب نوابشاهه مشرف ڀٽي، محمد اسماعيل ڊومڪي سميت چيمبر آف ڪامرس جي ميمبرن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو