يو اين ۽ او آءِ سي پاران پاڪستان ۽ ڀارت کي محتاط رهڻ جي اپيل

ڪراچي(ڊيسڪ رپورٽ) اقوام متحدهه پاڪستان ۽ ڀارت کي اپيل ڪئي آهي ته هو محطاط رهن ۽ سرحد تي چڪتاڻ وڌائڻ کان احتياط ڪن. هوڏانهن اسلامي ملڪن جي تنطيم آو آءِ سي جي سيڪريٽر جنرل ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي دستن جي وڌيڪ تعيناتي ۽ ڪشميرين خلاف پر تشدد ڪارواين تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي عالمي برادري کي نوٽيس وٺڻ ۽ ڪشمير مسئلي جو حل پرامن طريقي سان اقوام متحده جي ٺهرائن موجب ڳولڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اها ٻنهي ملڪن جي ذميوراي آهي ته خطي ۾ ڪشيدگي گهٽائڻ لاءِ اپاءَ وٺن.ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ انڊيا جي سيز فائر جي مانيٽرنگ لاءِ مقرر اقوام متحده جي مانيٽرنگ گروپ ٻڌايو آهي ته ڪجهه ڏينهن دوران ڪنٽرول لائن تي فوجي سرگرمين ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جيڪو ڳڻتي جوڳو عمل آهي. ياد رهي ته ڀارت پاران نيلم وادي ۾ پابندي پيل ڪلسٽر بم استعمال ڪرڻ بعد پاڪستان هڪ پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڀريو هو ته ٻئي پاسي اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل ۽ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل کي نوٽيس وٺڻ لاءِ چيو هو. پاڪستان اڄ پرڏيهي کاتي ۾ سلامتي ڪائونسل جي 5 مستقل ميمبر جن وٽ ويٽو پاور آهي تن جي سفيرن کي بريفنگ ڏيڻ لاءِ کين دعوت ڏني آهي. ياد رهي ته جنوري 1949 کان وٺي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ سيز فائر جي مانيٽرنگ لاءِ اقوام متحده جو مانيٽرنگ گروپ مقرر ڪيل آهي، جنهن جي آفيس راولپنڊي ۾ آهي. پاڪستان کين ڪنٽرول لائن تي مانيٽرنگ جي به اجازت ڏني آهي جڏه ته ڀارت کين اهڙي اجازت نٿو ڏئي. 44 فوجي مبصرن جي هن گروپ سان گڏ 25 انٽرنيشنل ۽ 47 مقامي سويلين ملازمن ڪم ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو