پاڻي نه نڪتو،ڳوٺاڻا ميت ٻيڙي ذريعي کڻي وڃڻ لڳا،حڪومت خاموش

دڙو (ن س) دڙو لڳ ڳوٺ بابو لاشاري سميت سوين ڳوٺن جا رھندڙ ھزارين رھواسي اڄ بہ پٿر واري دوُر جي زندگي گذارڻ تي مجبور، شاھوڪار سنڌ جا سوين ماڻھو اڄ بہ پنڃاري ڪئينال مٿان پل نہ ھئڻ سبب ٻيڙين ذريعي اچڻ وڃڻ لڳا، ڳوٺاڻن جو اباڻون قبرستان ڪئينال جي ٻئي طرف ھئڻ سبب ڳوٺاڻان پنھنجي فوت ٿيندڙ پيارن جي جنازن کي دفن ڪرڻ لاء ٻيڙين ۾ رکي پھچن ٿا، ڪافي جنازا پنڃاري ڪئينال جي پاڻي ۾ ڪرڻ جا واقعا ٿي چڪا آھن. سنڌ سرڪار ۽ سجاول ضلعي جي چونڊيل نمائيندن ۽ انتظاميا جي نظر کان وانجھيل سجاول ضلعي جي تعلقي ميرپوربٺورو جي يونين ڪائونسل حسين پور ۽ ٻنون جو ھي اھو بدنصيب علائقو آھي. جتان جا رھندڙ ماڻھو اڄ به عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. ٻنون ۽ حسين پور يونين ڪائونسلن جي وچ واري ڳوٺ بابو خان لاشاري ڀرسان وھندڙ مين دڙو پنڃاري ڪئينال مٿان پل نه ھئڻ سبب ٻنھي ڪپرن واري پاسن تي رھندڙ ھزارين ماڻھو اڄ به پنھنجن صدين پراڻن رشتن، قبرستانن ۽ لڳ لاڳاپن غمي توڙي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ لاء ٻيڙين ۾ سوار ٿي اچن وڃن ٿا.ھتان جي مشھور سماج سڌارڪ وفا مشتاق لاشاري، سائين چندن لاشاري، رئيس بابو خان لاشاري، اقبال لاشاري ۽ ٻين پريس ڪلب دڙو جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ پنڃاري واھ جي آرڊي 126 وٽان پل نه ھئڻ سبب ماڻھن جي اچڻ وڃڻ جو واحد ذريعو ٻيڙين ذريعي ٿئي ٿو. جنھن سبب ڪافي جاني ۽ مالي حادثا پڻ ٿي چڪا آھن. ھنن مطالبو ڪيو تہ نوٽيس وٺي پنڃاري ڪئينال مٿان پل ٺھرائي عوام کي سھولتون مھيا ڪري ڏنيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو