وقتي گورنر سان حيدرآباد چيمبر جي وفد جي ملاقات

ڪراچي ( ن س)سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني سان حيدرآباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي اڳواڻي چيمبر جي صدر عديل صديقي ڪئي وفد ۾ سرپرست اعليٰ محمد اڪرم سينيئر نائب صدر انجم الدين قريشي، نائب صدر اويس خان، مرزا حسن مسعود بيگ، محمد عدنان خان، اعجاز علي راجپوت ۽ نواب قريشي شامل هئا. وفد وقتي گورنر سنڌ کي بجلي، گيس ۽ ٻين درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو انهن مسئلن بابت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي آگاهه ڪندس واپاري قومي معيشت جي رڍن جيان آهن ملڪ جي ترقي ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن جو اهم ڪردار آهي صوبو ٻوڏ سبب تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي واپاري برادري متاثرن جي مدد لاءِ اڳيان اچي وئي متاثرن کي خيمن، دوائن، مچھر داني ۽ راشن جي سخت ضرورت آهي واپاري برادري پاڻ متاثرن ۾ خيما، دوائون ۽ راشن ورهائي ان وقت هاري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا سنڌ اسيمبلي جي عمارت تاريخي اهميت جي حامل آهي اسيمبلي جي ڪارروائي لائيو ٽيلي ڪاسٽ ڪئي ويندي آهي هاڻ ته اسيمبلي ميمبر جي حلقي جي عوام کي خبر آهي ته سندن نمائندو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو