پاڪستان: ڪورونا جي شرح 0 ڏهائي 50 سيڪڙو رڪارڊ

پاڪستان: ڪورونا جي شرح 0 ڏهائي 50 سيڪڙو رڪارڊ

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران به هن موذي وبا سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي. ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 53هين نمبر تي اچي ويو آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 0.50 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ وڌيڪ 55 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 73 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 30 هزار 612 مريض فوت ٿي چڪا آهن.ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 72 هزار 371 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 11 هزار 65 ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 4 لک 88 هزار 516 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو