ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مڇرن، مختلف بيمارين ۽ ڪيترن ئي فوٽن تي بيٺل پاڻي ٻوڏ متاثرن لاءِ پريشاني جو باعث بڻيل آهي.پڊعيدن، سانگهڙ، دادو، نوشهروفيروز، ٺري مير واهه ۽ خيرپور ۾ ٻوڏ جو پاڻي اڃا تائين موجود آهي، ماڻهن کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ واحد سهارو ٻيڙين ذريعي آهي.پاڻي جي مسلسل جمع ٿيڻ سبب گيسٽرو، مليريا ۽ ٻين موذي مرضن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.گذريل ڏيڍ مهيني کان ٻوڏ متاثرن ٺٽي جي ڀريا شيدي موري ڊيم تي ڪئمپ لڳائي ڇڏي آهي. متاثرن جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين کين نه مٿو لڪائڻ لاءِ خيما مليا آهن ۽ نه ئي پيٽ ڀرڻ لاءِ راشن آهي










