راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان دبئي پورٽ ورلڊ جي چيئرمين شيخ احمد سلطان بن سليم ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ان موقعي تي آرمي چيف ۽ شيخ احمد سلطان بن سليم وچ ۾ پاڪستان ۾ تباهي واري ٻوڏ جي صورتحال، امدادي ڪمن ۽ بحالي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر موجب شيخ احمد سلطان سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ آرمي رليف فنڊ ۾ 25 لک آمريڪي ڊالرن جو عطيو پڻ ڏنو.










