شهدادڪوٽ(ن س) شهدادڪوٽ ۾ اسسٽنٽ ڪئمشنر عبدالقادر مشوري جي نگراني ۾ مڇر مار اسپري ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، شهر جي مختلف پاڙن ۾ مڇر مار اسپري ڪرايو ويو جيڪو ڪجھ ڏينهن جاري رهندو، برساتي ٻوڏ بعد مڇرن ۾ واڌ سبب مليريا جي مرض ۾ رڪارڊ اضافي سبب اسسٽنٽ ڪئمشنر شهدادڪوٽ پنهنجي نگراني ۾ مڇر مار اسپري ڪرائي رهيو آهي. اسسٽنٽ ڪئمشنر شهدادڪوٽ عبدالقادر مشوري ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته انتظاميه ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن امداد ڪري رهئي آهي، هن چيو ته متاثرن کي پنهنجي ماڳن ۽ ريليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيون ته جيئن تعليمي ادارن ۾ تدرسي عملي شروع ٿي سگهي، اسسٽنٽ ڪئمشنر عبدالقادر مشوري وڌيڪ چيو ته مختلف مليريا جي مرض ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي شهر ۾ مڇر مار اسپري ڪرائي رهيو آهيان ته جيئن مڇر مرن ۽ مليريا جي مرض تي ضابطو اچي هن وڌيڪ چيو ته تمام ڪمن پاڻ نظر ۾ رکي ان جي نگراني ڪيان پيو ۽ تمام لاڳاپل کاتن جي ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو به پنهنجي ڊيوٽي سهڻي طريقي سان ادا ڪن ۽ ميونسپل جي ذميوار کي شهر ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائڻ ۽ صحت کاتي جي انتظاميه طبي امداد جي فراهمي لاء مسلسل رابطي ۾ آهيان ۽ تعليم کاتي جي اسڪولن ۾ ترسيل متاثرن کي پنهنجي گهرن ۽ ريليف ڪئمپ ڏانهن منتقل ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي جن کي به انشاء الله منتقل ڪري اسڪول خالي ڪرائي تعليم کاتي حوالي ڪري تدرسي عمل شروع ٿي، هن وڌيڪ چيو ته مڇر مار اسپري سموري شهر سميت ريليف ڪئمپن ۽ مختلف روڊن رستن تي ترسيل متاثرن وٽ ڪرايان پيو جڏهن سرڪار پاران مليل فنڊ به باامانت متاثرين جي حوالي ڪيو پيو وڃي.










