مفتاح ۽ ڊار گڏجي وڃن ته پوءِ به معاشي صورتحال کي ٺيڪ نه ٿيندي: شيخ

مفتاح ۽ ڊار گڏجي وڃن ته پوءِ به معاشي صورتحال کي ٺيڪ نه ٿيندي: شيخ

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته مفتاح اسماعيل ۽ اسحاق ڊار ملڪر جنگ ڪري به معاشي حالتون ٺيڪ نٿا ڪري سگهن.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي شيخ رشيد چيو ته دنيا ۾ پيٽرول سستو ۽ پاڪستان ۾ مهانگو ٿي رهيو آهي، هو انصاف لاءِ اسلام آباد نه اچي رهيا آهن، سول آرمڊ فورسز کي اپيل آهي ته سرڪاري عمارتن تائين محدود رهن.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته نيب ضابطن ۾ من پسند ترميمون پنهنجي فائدي لاءِ ڪيون ويون آهن.هن چيو ته جيترا پئسا آمريڪا ۾ خرچ ڪيا ويا، ايتري مدد نه ملي.هن چيو ته 72 وزيرن جي برطرفي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو