اسلام آباد(بيورو)آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ريگيوليڊ پيٽروليم انڊسٽري رپورٽ 2020-21 جاري ڪري ڇڏي.اوگرا جي ترجمان عمران غزنوي موجب تيل جي شعبي ۾ 21-2020ع ۾ خام تيل جي درآمد ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 27.82 سيڪڙو جڏهن ته ريفائنڊ آئل پراڊڪٽس جي درآمد ۾ 23.70 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.مالي سال 2020-21 ۾ پيٽروليم شين جو استعمال 12.95 سيڪڙو کان وڌي 19.92 ملين ٽن ٿي ويو، جڏهن ته پي ايس او جو مارڪيٽ شيئر 2020-21 ۾ 3 سيڪڙو کان وڌي 47 سيڪڙو ٿي ويو.اوگرا جي ترجمان چيو ته مالي سال 2020-21 ۾ قدرتي گئس جي گهريلو پيداوار 2006 ايم ايم سي ايف ڊي جي مقابلي ۾ 6 سيڪڙو گهٽجي 21-2020 جي آخر تائين پاڪستان ۾ قدرتي گئس استعمال ڪندڙن جو انگ 10.62 ملين ٿي ويو.ان کان علاوه ملڪ ۾ ست سئو سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون ويون. مالي سال 21-2020ع ۾ گئس سپلاءِ ۾ سنڌ جو حصو 45 سيڪڙو مان گهٽجي 40 سيڪڙو، خيبرپختونخواهه جو حصو 13 مان گهٽجي 12 سيڪڙو، بلوچستان ۽ پنجاب جو حصو 11 سيڪڙو کان گهٽجي 3 سيڪڙو تي اچي ويو آهي.










