اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته اين آر او 2 تي عمل ٿي رهيو آهي پر عمران خان کانسواءِ سڀ خاموش آهن.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته اسحاق ڊار کي بري ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، حيران آهيان ته عدالتون تماشو ڏسي رهيون آهن ته ملزم ۽ نيب ڪيئن پاڪستان جي رقم هڙپ ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن.فواد چوڌري پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ لکيو ته هي تماشو حڪومت جي تبديلي جو اصل مقصد هو، بدقسمتي سان اين آر او 2 تي عمل ڪيو پيو وڃي ۽ عمران خان کانسواءِ سڀ خاموش آهن.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اڳوڻي ناڻي واري وزير جي ڪيس جي حوالي سان هڪ خانگي ٽي وي جا ٽِڪ به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيا.










