ڪامن ويلٿ گيمز: پاڪستاني ريسلر جو ڊوپ ٽيسٽ مثبت اچي ويو

ڪامن ويلٿ گيمز: پاڪستاني ريسلر جو ڊوپ ٽيسٽ مثبت اچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ڪمن ويلٿ گيمز ۾ ميڊل کٽيندڙ پاڪستاني ريسلر جو ڊوپ ٽيسٽ مثبت اچي ويو آهي.ڪمن ويلٿ گيمز ۾ علي اسد 57 ڪلوگرام ڪيٽيگري ۾ برونز ميڊل کٽي ورتو.ڪمن ويلٿ گيمز لاءِ روانگي کان اڳ پاڪستان ۾ علي اسد جو ڊوپ جو نمونو ورتو ويو هو جنهن جي رپورٽ مثبت آئي هئي.اي جو نمونو مثبت اچڻ کانپوءِ علي اسد جي درخواست تي بي سيمپل جو ٽيسٽ به مثبت آيو، علي اسد کي هاڻي انڪوائري ڪميٽي آڏو پيش ٿي پنهنجو بيان ڏيڻ جو موقعو هوندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ريسلر ڪارڪردگي بهتر ڪندڙ دوائن جي استعمال جو ڏوهه ثابت ٿيو ته مٿس 4 سالن تائين پابندي لڳي سگهي ٿي ۽ پاڪستان مان ميڊل به واپس ورتو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو